جمال گھوٽو

جمال گھوٽو

جمال گھوٽو

جمال گھوٽو: جمال گھوٽي جو ٻوٽو اٺ کان ڏهه ميٽر ڊگھو ٿيندو آهي. هن جا پن واڱڻ جي پنن جهڙا هوندا آهن. گل هيڊو سفيدي مائل ڏسڻ ۾ ايندو اٿس. هن وڻ جو ڦل ڦرين ۾ ٿئي ٿو. هر ڦريءَ ۾ ٽي ٽي جمال گھوٽا هوندا آهن. يورپ ۽ برصغير ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿـو. هـن کي عربيءَ ۾ حب السلاطين، فـارسـيءَ ۾ تخم بيد صحرائي، سنسڪرت ۾ رنتي بيج جيپال، گجراتيءَ ۾ نيپالو، بنگاليءَ ۾ جيپال، انـگــريــزيءَ ۾ Purgalue Carolan ۽ لاطـيـنــي ۾ Carotin Tigllim چيو وڃي ٿو. هن جو اثر گرم ۽ خشڪ 4 درجا ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو